اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي ??ليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان حل ڪڍيو و??ي، ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي ??ليڪٽرڪ) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس عبدالله علوي جي قيادت ۾ ڪي ??ليڪٽرڪ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪي ??ليڪٽرڪ مونس عبدالله عل??ي، چيف فنانس آفيسر ڪي ??ليڪٽرڪ عامر غزيني ۽ ريگيوليٽري آفيسر ڪي ??ليڪٽرڪ عمران قريشي شامل هئا. ان موقعي تي توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ريحان اختر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي نگران وزيراعظم کي ڪي ??ليڪٽرڪ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وفد نگران وزيراعظم جا ڪي ??ليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وفد ڪي ??ليڪٽرڪ جي لاءِ 390 ارب رپين جي سيڙپڪاري پلان ۽ قابل تجديد توانائي جي 640 مي??او??ٽ جي منصوبن جي لاءِ اگهن جي منظوري ۽ 1000 مي??او??ٽ اضافي بجلي جي فراهمي تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ ڪي ??ليڪٽرڪ جي گڏيل تعاون سان ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي مثبت پيغام مليو آهي. نگران وزيراعظم توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪي ??ليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان مستقل حل ڪڍيو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي.