ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي ??ي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي بلوچستان جي ث??افت ۽ زبان ۽ ادب کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پي ٽي وي بولان تي هزارگي زبان ۾ نشريات جو وقت وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽا سينٽر جي دوري جي موقعي تي ا??لاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي جنرل مئنيجر پي ٽي وي ۽ ه??ڊ آفيس ڊپارٽمينٽس پي ٽي وي بولان جي ٽرانسميشن، نيوز بليٽن، ڪرنٽ افيئرز پروگرامن ۽ پي ٽي وي بولان جي بجيٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. نگران وفاقي وزير پي ٽي وي بولان جي نشريات جو جائزو ورتو ۽ پي ٽي وي بولان تي هزارگي زبان جي نشريات جو وقت وڌائڻ جي هدايت ڪئي.