ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪي معيشت کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪاروباري طبقي کي بهترين ماحول فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ??وس قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ا??ٽا?? ايڪسچينج جو 60 هزار جي حد عبور ڪرڻ تاريخي ڪاميابي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ا??ٽا?? ايڪسچينج تحت 25 بهترين ڪمپنين کي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ايوارڊ حاصل ڪندڙ ڪمپنين کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اميد آهي ته مستقبل ۾ انهن ڪمپنين جي انگ ۾ اضافو ٿيندو، انهن ڪمپنين ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ وڏي پئماني تي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ا??ٽا?? ايڪسچينج جو 60 هزار جي حد عبور ڪرڻ تاريخي ڪاميابي آهي، اها تاريخي ڪاميابي ملڪ ۾ وڌيڪ سڌارن جي اڳڪٿي آهي، پاڪستان ا??ٽا?? ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اسان کي ان شاندار ڪاميابي جي تسلسل کي جاري رکڻو آهي. هن چيو ته ڪاروباري اڳواڻن کي ڊيجيٽل انقلاب ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدي تي ڌ??ان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته نگران حڪومت اسمگلنگ، ذخيره اندوزي ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ ??دم کنيا آهن، ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته واپاري برادري ملڪي معيشت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان اي سي او سميت ٻين اهم فورمز جو اهم حصيدار آهي، پاڪستان جي لاءِ آفريقي ملڪن، خطي ۽ ان کان ٻاهر واپار جا وسيع موقعا موجود آهن، عالمي من??ين کي نظر ۾ رکندي پنهنجون خدمتون ۽ مصنوعات تيار ڪن، ڪاروباري ماڻهو ٻاهرئين ملڪ من??ين ۾ پهچ ۽ ڪاميابي کي پنهنجو هدف بڻائين، اسان کي مستقبل م چين ۾ ايندڙ وڏي سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ??اڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي سان عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نگران وزيراعظم چيو ته ايس آءِ ايف سي جو قيام اهم سنگ ميل آهي، ان س??ن وڏي پئماني تي ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي، غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي، نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي ڀليڪار چونداسين، رخ جي درستگي سان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، خواهش آهي ته اهڙا قدم کڻون جن س??ن ايندڙ حڪومت جي لاءِ آسانيون پيدا ٿين. هن چيو ته هر شعبي کي پنهنجي صلاحيت استعمال ۾ آڻڻ سان ڪاميابيون حاصل ٿينديون، ملڪ جي خوشحال مستقبل جي لاءِ ??راميد آهيان. هن چيو ته وڏين ڪمپنين کي فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته اسان ملڪي معيشت کي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ڪاروبار سان واڳيل سمورن ادارن جي تعاون س??ن پاڪستان ا??ٽا?? ايڪسچينج ڪاميابي حاصل ڪئي، 2023ع ۾ ا??ٽا?? ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو، ا??ٽا?? ايڪسچينج ۾ سڌارن س??ن سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو. هن چيو ته ايف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا آيا آهن، ملڪي مفاد ۾ مشڪل فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته حڪومت ڪاروبار ۾ بهتري جي لاءِ درآمدات تان پابندي کنئي، پاڪستان ا??ٽا?? ايڪسچينج ۾ اسلامڪ فنانس جي شموليت جا مثبت نتيجا سامهون آيا، پي ايس ايڪس جو شمار دنيا جي بهترين ا??ٽا?? ايڪسچينجز ۾ ٿي رهيو آهي، ان س??ن ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملي رهي آهي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ا??ٽا?? ايڪسچينج تحت 25 بهترين ڪمپنين ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پڻ شرڪت ڪئي.