اسلام آباد-15 ??وم??ر(اي پي پي) ناڻي، محصولات ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪ??يٽ?? جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪ??يٽ?? جي سمورن ميمبرن سان گڏ ايس اي سي پي جو چيئرمين، وفاقي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪ??يٽ?? گذريل گڏجاڻي جي هدايتن موجب رياستي ملڪيتي انٽر پرائيزز(ملڪيت ۽ انتظام) پاليسي 2023ع، ڪ??يٽ?? جي ميمبرن کان مليل تاثرن کي شامل ڪرڻ بعد جائزي لاءِ ٻيهر ڪ??يٽ?? وٽ جمع ڪرائي. ڪ??يٽ?? جي مسودي ۾ شامل تبديلين جو جائزو ورتو ۽ ڪابينا جي منظوري لاءِ نظرثاني ٿيل پاليسي جي سفارش ڪئي. هي پاليسي رياستي ملڪيت واري ڪاروباري ادارن (گورننس اينڊ آپريشنز) ايڪٽ 2023ع ۾ بيان ڪيل وسيع تر مقصدن موجب رياستي ملڪيت وارن ادارن جي حڪمراني ۽ آپريشنز کي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم جي نشاندهي ڪري ٿي.