اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) ??طل??عات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زي?? مرتضيٰ س??لنگي ۽ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي ??زي?? جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ ايندڙ چونڊن، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ صحافين جي مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زي?? مرتضيٰ س??لنگي جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه کي نگران وڏي ??زي?? جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چونڊ عمل کي صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن تعاون ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. چونڊن دوران ميڊيا کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زي?? مرتضيٰ س??لنگي چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اسان آئين تحت پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهيون، سمورين سياسي پارٽين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، خيبرپختونخواهه جي صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين.