اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي)وزيراعظم پاڪستان جي يوٿ لي?? ٽاپ اسڪيم تحت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ سرڪاري شعبي ۾ قائم پنجن يونيورسٽين ۾ اڍائي هزار کان وڌيڪ لي?? ٽاپ ورهائڻ جي شروعات ڪئي وئ?? آهي، ان پروگرام تحت بي ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي سميت ٻين سمورن ڊگري پروگرامن ۾ اعليٰ تعليمي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ ش??گردياڻين کي ميرٽ جي بنياد تي مفت لي?? ٽاپ مهيا ڪيا پيا وڃن. جاري ڪيل پريس رليز موجب ڪشمير مظفر آباد يونيورسٽي جي ڪنگ عبدالله ڪيمپس ۾ لي?? ٽاپ ورهائڻ جي هڪ شاندار تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 787 شاگردن ۽ ش??گردياڻين ۾ اعليٰ معيار جا لي?? ٽاپ ورهايا ويا. تقريب کي ڪشمير مظفر آباد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد ڪليم عباسي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر / وزيراعظم پاڪستان جي يوٿ لي?? ٽاپ اسڪيم بابت فوڪل پرسن قائم علي شاهه ۽ ٻين شاگردن ۽ ش??گردياڻين ۾ لي?? ٽاپ ورهايا. تقريب ۾ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي ڊين، شعبن جي سربراهن، پرنسپل آفيسرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ ش??گردن ۽ ش??گردياڻي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪنگ عبدالله ڪيمپس جي آڊيٽوريم ۾ ٿيل ان تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڪليم عباسي ميرٽ تي لي?? ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ ش??گردياڻين کي مبارڪو ڏنيون ۽ چيو ته لي?? ٽاپ جي سهولت ميسر اچڻ کانپوءِ شاگردن کي انٽرنيٽ ذريعي جتي تعليم ۽ تحقيق جي جديد ذريعن ۽ وسيلن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي اتي دنيا جي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿيندا. وائيس چانسلر وفاقي حڪومت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان آزاد ڪشمير جي هوشيار شاگردن ۽ ش??گردياڻين کي لي?? ٽاپ مهيا ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪندي شاگردن ۽ ش??گردياڻين کي هدايت ڪئي ته هو ان سهولت کي تعليم ۽ تحقيق لاءِ استعمال ڪن. هن چيو ته آزاد ڄمون ڪشمير يونيورسٽي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان جي ڪل 280 فيڪلٽي ميمبرن مان 150 پي ايڇ ڊيز آهن ۽ انهن مان به اڪثريت ٻاهرين ملڪ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي نمائندي سيد قائم علي شاهه چيو ته هن اسڪيم تحت سڄي ملڪ جي يونيورسٽين جي 652000 شاگردن لي?? ٽاپ لاءِ اپلائي ??يو هو جن ۾ آزاد ڪشمير جي پنج يونيورسٽين جا اڍائي هزار شاگرد به شامل آهن جن کي هي لي?? ٽاپ سندن تعليمي ڪارڪردگي ۽ ميرٽ جي بنياد تي مهيا ڪيا پيا وڃن.