اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پي ??ءِ اي جي نجڪاري جو عمل تي?? ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي ضايع ٿيڻ کان بچائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ??ءِ اي سان لاڳاپيل معاملن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجل??س ۾ پي ??ءِ اي جي نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي پي ??ءِ اي جي موجوده مالي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو. اجل??س ۾ نگران وفاقي وزيرن شمشاد اختر، فواد حسن فو??د، هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجل??س ۾ پي ??ءِ اي جي موجوده مالي صورتحال ۽ نجڪاري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم سان لاڳاپيل سمورن قدمن جي هدفن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ باقاعدگي سان ان بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پي ??ءِ اي جي نجڪاري جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين حڪومت ان جي هر ممڪن معاونت ڪندي رهندي. خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد کان جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي ضايع ٿيڻ کان بچائينداسين. هن هدايت ڪئي ته پي ??ءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تي?? ڪري جلد کان جلد مڪمل ۽ نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي بابت باقاعدگي سان آگاهه ڪيو وڃي.