اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) چائينا ميڊيا گروپ سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي سهڪار سان اسلام آباد ۾ آرٽ نمائش ۽ ثقافتي شو جو بندوبست ڪيو. ان مو??عي تي سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽ?? جي حوالي سان خصوصي پينٽنگز جي نمائش ڪئي وئي جنهن ۾ ش??ڪت ڪندڙن گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي ثقافت کي اجاگر ڪندي پاڪستاني ثقافتي فنڪارن پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور انداز ۾ مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ان دوران بحريه يونيورسٽي اسلام آباد جي شاگردن به پرفارمنس ڪيو، تقريب ۾ موجود چيني ثقافتي فنڪارن خوبصورت موس??قي??َ ذريعي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. تقريب کي ايف ايم 98 دوستي چينل جي اسٽيشن ڊائريڪٽر هوپنگ پنگ جو چوڻ هو ته سي پيڪ پاڪ چين دوستي جو هڪ اعليٰ مثال آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ ذريعي پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي ثقافتي پروگرامن سان اسان کي جتي هڪٻئي جي ثقافت کي ڄاڻڻ جو موقعو ملندو اتي ٻه طرفن لا??اپ?? ۾ وڌيڪ هٿي ايندي. هن چيو ته اڄ جي تقريب پڻ سي پيڪ جي منصوبي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان جاري تقريبن جو هڪ تسلسل آهي. ڪي پي ڪي سيڙپڪاري بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين حسان دائود تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سي پيڪ سان خطي ۾ ترقيءَ جي هڪ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان مو??عي تي چائينا ميڊيا گروپ طرفان سي پيڪ جا وڊيو پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا جن کي تقريب ۾ ش??ڪت ڪندڙن بيحد ساراهيو. پاڪستان ۾ قائم چيني سفارتخاني جي ثقافتي ڪائونسلر جنرل چانگ حه چنگ سميت ٻين اعليٰ عهديدارن ۽ پاڪستان چين جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.