اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب جي ڏاکڻي سرحد تي بحرين ڊفينس فورس جي پوزيشن تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي جن??ن جي نتيجي ۾ ٻه بحريني اهلڪار شهيد ۽ ٻيا زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان پاران جاري مذمتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان بحرين ملڪ، ان جي ڀائر عوام ۽ شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ??ريون ٿا. اسان بحرين جي ڊفينس فورس جي زخمي اهلڪارن جي مڪمل صحتيابي لاءِ پن دعاڳو آهيون.