اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گلگت بل??ستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته اڄ گلگت بل??ستان ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، گلگت پهچڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، گلگت بل??ستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ٿي، وڏي وزير گلگت بل??ستان جي عوام پاران روايتي چادر ۽ ٽوپي جو تحفو ڏنو. هن چيو ته گلگت بل??ستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، چ??ف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن سان ملاقات ۾ گلگت بل??ستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اڳڀرائي کان آگاهي ٿي.