ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل حصيداري سا?? تيار ٿيندڙ ملجم ڪلاس جنگي سا??ونڊي جهاز پي اين ايس طارق پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شامل ٿي ويو. ان موقعي تي ڪراچي شپ يارڊ ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ وزيراع??م محمد شهباز شر??ف ۽ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز شرڪت ڪئي. ترڪيه جو نائب صدر جودت يلماز تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد نيازي سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراع??م محمد شهباز شريف ترڪيه جي نائب صدر سا?? گڏ پي اين ايس طارق جي لانچنگ ڪئي. پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي جهاز انهن چئن سا??ونڊي جهازن مان هڪ آ??ي جيڪي ترڪيه سا?? ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي معاهدي تحت ترڪ ۽ پاڪستاني انجنيئرز گڏجي ٺاهي رهيا آهن. 2018ع ۾ پاڪ بحريه ۽ ترڪيه جي وچ ۾ 4 جنگي سا??ونڊي جهازن جي تياري جو معاهدو ٿيو هو. معاهدي تحت 2 جهاز ترڪيه ۽ 2 جهاز پاڪستان ۾ تيار ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ 3 جهازن جي لانچنگ ٿي چڪي آهي ۽ اهي مڪمل ٿيڻ جي مختلف مرحلن ۾ آهن. پي اين ايس طارق پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٻيو سا??ونڊي جنگي جهاز آهي. ان کان اڳ وزيراعظم کي جهاز جي تياري بابت بريفنگ ڏني وئي.