اسلام آباد – 01 آگسٽ(اي پي پي) سعودي عرب جي نائب وزير خالد صالح المظفر چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب وچ ۾ برادراڻه تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، سعودي حڪومت پاڪس??ان سان معدنيات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان منرلز سمٽ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. خالد صالح المظفر چ??و ته معدنيات وارو شعبو انساني وسيلن جي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو، معدنيات ۾ سيڙپڪاري سان خطي ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. هن چ??و ته 27 لک پاڪستاني سعودي عرب جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.