اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀ گڏجي قومي يڪجهتي، اتفاق راءِ ۽ مشاورت سان پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪريون، ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا پون ٿا، ماضي ۾ اسان جي حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته ملڪي ترقي جا منصوبا مڪمل ٿي چڪا هجن ها، بهاره ڪهو منصوبي سان عوام کي تمام گهڻي سهولت ملندي، موجوده سپهه سالار ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ هر وقت سرگرم رهي ٿو، بهاره ڪهو منصوبو 9 مه??نن جي مختصر مدي ۾ سمورين مشڪلاتن جي باوجود مڪمل ٿيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اڳوڻو وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ڊي جي اين ايل سي م??جر جنرل فرخ، سي ڊي اي چيئرمين نور??لا??ين م??نگل کانسواءِ اعليٰ عملدارن ۽ عوام جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته اڄ منهنجي لاءِ دلي سڪون ۽ اطمينان جو ڏينهن آهي. جڏهن آئون ۽ محمد نواز شريف گهرڀاتين سان گڏ پهريون ڀيرو مريءَ ويا هئاسين ته ٽريفڪ نه هجڻ جي برابر هئي پر پوءِ مري روڊ تي ٽريفڪ جا مسئلا پيدا ٿيندا ويا. هن چيو ته پوري م??ڪ ۾ گليات، مري ۽ آزاد ڪشمير جي لاءِ ٽريفڪ بهاره ڪهو روڊ تان گذري ٿي جيڪا ڪلاڪن جا ڪلاڪ بلاڪ رهندي هئي. عوام جي لاءِ ٽريفڪ جو مسئلو عذاب بڻجي چڪو هو. اهو منصوبو جيترو جلدي مڪمل ٿئي ها ته بهتر هو. وزيراعظم چيو ته 10 مه??نا اڳ ان م??صوبي جي شروعات ٿي ته زمين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان مسئلا پيدا ٿيا. باءِ پاس منصوبو واپاري م??صوبو نه هو پر قائداعظم يونيورسٽي کان زمين حاصل ڪرڻ مشڪلاتون پيدا ٿيون. معاملو عدالتن تائين ويو. هن چيو ته رستو ڏيڻ عين عبادت آهي. هن چيو ته مشڪلاتن کي دانشمندي سان م??هن ڏيڻ گه??جي. ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا پون ٿا. يونيورسٽي عدالت وئي ته اسان پنهنجو ڪيس پيش ڪيو، عدالتي فيصلي کانپوءِ ان م??صوبي تي ڏينهن رات ڪم ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جي باوجود الحمدالله اهو منصوبو 9 مه??نن ۾ مڪمل ٿيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دير آيو پر درست آيو. الحمدالله اڄ اهو منصوبو مڪمل ٿي چڪو آهي. پوري پاڪستان جي لاءِ ٽريفڪ ۾ آساني ٿيندي ۽ پئسو ۽ وقت بچندو، ان سان ماحوليات جي صورتحال به بهتر ٿيندي. وزيراعظم منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو منصوبو محمد نواز شريف جو ويزن هو. سازش جي ذريعي ان جي حڪومت کي نه هٽايو وڃي ها ته اهو منصوبو ۽ ٻيا منصوبا ڪيترائي سال اڳ مڪمل ٿي چڪا هجن ها. مسافرن ۽ عوام جي لاءِ ٽرانسپورٽ جا منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. بجلي سان هلندڙ بسون اينديون ته ماحوليات جي مسئلي جي حوالي سان صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جڏهن انسان ارادو ڪري ۽ مقصد نيڪ هجي ته الله تعاليٰ به مدد ڪري ٿو ۽ محنت ڪريون ته ان سان رنگ ڀرجن ٿا. وزيراعظم ان م??صوبي کي مڪمل ڪرڻ تي سي ڊي اي چيئرمين نور??لا??ين م??نگل کي شاباس ڏني ۽ چيو ته هن ماضي ۾ ڪيترائي عوامي نوعيت جا منصوبا مڪمل ڪيا. وزيراعظم چيو ته اين ايل سي بهاره ڪهو منصوبي ۾ وڏي محنت سان ڪم ڪيو. هن ڊي جي اين ايل سي م??جر جنرل فرخ ۽ سندس ٽيم ۽ حنيف عباسي ۽ طارق فضل چوڌري جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته انمنصوبي تي 74 هزار ٻوٽا هنيا ويا آهن پر ان جو انگ وڌايو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد جي سياسي قيادت ۽ ساٿين جو ٿوائتو آهيان ته انهن ان م??صوبي ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد کي خوبصورت بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته منهنجو هڪ ئي م??صد آهي ته سياستدان ۽ ادارا گڏجي م??ڪ کي اهڙي راهه تي گامزن ڪن جو آزادي جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙن جي روحن کي سڪون پهچي. هن م??ڪ مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ٿئي ۽ آزادي جي م??صد کي مڪمل ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ اسان سڀني تي ڏکيو وقت آيو. وزيراعظم چيو ته هن م??ڪ جو اسان سڀني کي خيال ڪرڻو آهي. مشڪل حالتن جو مقابلو ڪندڙ ئي ان کي سمجهن ٿا. انتهائي قابل ٻارن وٽ وسيلا نه آهن جڏهن ته اهي اسان کان وڌيڪ ذهين ۽ محنتي آهن. 75 سالن کان وسيلن جي ونڊ ورڇ سڀني جي سامهون آهي. حويلي بهادر شاهه منصوبي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته منصوبي تي 70 ارب رپين جي لاڳت جو ڪاٿو هو ۽ مون ٺيڪو ڏئي ڇڏيو. 2018ع کان اڳ پهرين ٽربائين اچي وئي. 2019ع ۾ مڪمل ٿيڻ هو. پوءِ چار سال منصوبو بند ڪيو ويو جنهن سان م??صوبي تي لاڳت ٻيڻي ٿي وئي. جڏهن ماڻهو هڪ وقت جي ماني جي لاءِ محنت ڪن ٿا ته ان م??صوبي تي ضايع ڪيل 70 ارب رپيا لکين ٻارن، ٻارڙين جي تعليم صحت ۽ روزگار جي لاءِ استعمال ٿي سگهيا پئي. اعليٰ يونيورسٽيون، اسپتالون ۽ 4، 5 پي ڪي ايل آئي ٻيون ٺهي وڃن ها. اهو هڪ مثال آهي ته ڪيئن م??ڪ کي تباهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته اڄ وقت آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃون. مشڪلاتون م??جود آهن، اينديون پر الله تعاليٰ جي ڪرم سان سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته جڏهن ڪا قوم فيصلو ڪري ڇڏي ته اسان کي تقدير بدلائڻي آهي ته خدا به مدد ڪري ٿو ۽ اهو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڄ مون کي توهان سان اها ڳالهه ڪرڻي هئي ته اسان فيصلو ڪريون ته اسان گڏجي مشاورت سان م??ڪ جي م??اد ۾ ڪم ڪنداسين. قومي يڪجهتي، مشاورت ۽ قومي اتفاق سان ترقي ڪنداسين. پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن اسان فيصلو ڪري وٺون ته ڪجهه سالن ۾ اسان ان سطح تي هونداسين جتي 1990ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان پهچي چڪو هو. تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته گذريل 15 مه??نن ۾ جيتري ترقي اسلام آباد ۽ پوري م??ڪ ۾ ٿي خدا گواهه آهي ته ايتري ترقي ماضي ۾ نه ٿي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ان دوران رڪارڊ منصوبا مڪمل ڪيا ويا. هن م??صوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي عوام پاران ٿورا مڃيندي چيو ته اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻي علائقن ۾ آهي. ماضي ۾ ترقياتي م??صوبا ڳوٺاڻي علائقن ۾ نه ٿيندا هئا پر شهر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 200 ارب رپين جا منصوبا شروع ڪيا ويا جن مان 90 سيڪڙو مڪمل ڪيا ويا. هن چيو ته ان کان اڳ سي ڊي اي ٻهراڙي وارن علائقن تي ڌيان نه ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن ۽ سي ڊي اي چيئرمين جي ڪوششن ۾ ڳوٺاڻي علائقن ۾ اربين رپين جا منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن. طارق فضل چوڌري چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گادي واري شهر جي ڳوٺاڻي علائقن تي خصوصي ڌيان ڏنو آهي جنهن تي ڳوٺاڻي علائقن جي عوام دل سان ٿورائتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته بهاره ڪهو منصوبو سان نه رڳو علائقي جي عوام پر سياحن کي بهترين سفري سهولتون م??نديون. هن اسلام آباد ۾ ويجهي مستقبل ۾ عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ جاري م??صوبن بابت پڻ خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته انهن م??صوبن جي مڪمل ٿيڻ سان اسلام آباد ۾ شهري سهولتن ۾ نمايان اضافو ٿيندو. تقريب کي خطاب ڪندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حنيف عباسي چيو ته پوري قوم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٿورائتي آهي. پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 15 ارب ڊالر ٿي چڪا آهن جيڪو وزيراعظم جي ڪوششن جو اعتراف آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڏيڍ سال جي گهٽ مدي ۾ وفاقي گادي واري شهر ۽ راولپنڊي ۾ ڪيترائي م??صوبا مڪمل ڪيا، ڪيترائي نوان م??صوبا به شروع ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته اسلام آباد انتظاميا ۽ سي ڊي اي جي ٽيم ڀرپور محنت سان ڪم ڪيو، ڏينهن رات هڪ ڪري ترقياتي م??صوبن کي مڪمل ڪرڻ جو هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو جنهن کي برقرار رکڻ گه??جي. هن چيو ته 75 سالن کانپوءِ اسلام آباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، چين مان 107 اليڪٽرڪ بسون تمام جلد پاڪستان پهچي وينديون جنهن جي لاءِ ايل سي کولي وئي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ سي ڊي اي چيئرمين نور??لا??ين م??نگل چيو ته اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ 20 ارب رپين جا ترقياتي م??صوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ پارڪس، رستن جي تعمير کانسواءِ ٻيا منصوبا به شامل آهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو وسيلن ۽ سهولتن جو رخ وفاقي گادي واري شهر جي ڳوٺاڻي علائقن طرف موڙيو پيو وڃي. تقريب ۾ نور??لا??ين م??نگل اسلام آباد ۾ مختلف ترقياتي م??صوبن کانسواءِ ماحوليات جي شعبي جي بهتري ۽ عوامي سهولتن جي اضافي جي لاءِ سي ڊي اي جي قدمن تي پڻ روشني وڌي.