اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضلعي شانگلا ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي لينڊ سلائيڊنگ جي واقعي ۾ انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته شانگلا ۾ مع??وم جانين جي زيان جي واقعي جي خبر دل کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. مرتونگ جي المناڪ سانحي ۾ پنهنجي ٻارن کي وڃائيندڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آه??ان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڳاپيل عملدار ۽ ريسڪيو ٽيمون ملبي ۾ ڦاٿل مع??وم جانين کي بچائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيون آهن، اميد آهي ته لينڊ سلائيڊنگ جي ملبي مان نڪتل زخمي ٻارن جي بهتر علاج کي يقيني بڻايو ويندو. هن پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ريسڪيو ٽيمن سان تعاون ڪن، متاثر خاندانن جو ڏک ونڊين.