اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف اڄ ??معي ڏينهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سماجي تحفظ اڪائونٽ جاري ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظ?? يو?? پروگرام تحت باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپس ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم جناح ڪنوينشن سينٽر ويندو. وزيراعظم سڄي ملڪ مان ايندڙ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپس ورهائي پروگرام جي باقاعده شروعات ڪندو، وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.