اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي ??ي ع??لدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي جنهن ۾ تڪرارن جي حل جو طريقيڪار به شامل آهي. هيگ ۾ قائم عالمي ثالثي عدالت پاران پاڪ ڀارت پاڻي تڪرارن جي ٻڌڻي جي اهليت جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ??رجمان چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي ثالثي عدالت جي فيصلي کان آگاهه آهي، جنهن ۾ ان جي اهليت ۽ ڪشن گنگا ۽ راتلي هائيڊرو ا??يڪٽرڪ پرجيڪٽس بابت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن تي اڳتي وڌڻ جو طريقيڪار، سنڌ طاس معاهدي ??ي تشريح ۽ لاڳو ڪرڻ جا وسيع تر سوال شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته عدالت اهليت کي برقرار رکيو آهي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هاڻي اها تڪرار جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو بنيادي معاهدو آهي. پاڪستان تڪرارن جي حل جي طريقيڪا?? سميت ان معاهدي ??ي ع??لدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته ڀارت به نيڪ نيتي سان ان معاهدي ??ي ع??لدرآمد ڪندو.