اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن ۾ جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ 167 ارب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ??يا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب پنجاب صوبي ۾ 16 جاري ۽ 2 نئين منصوبن جي لاءِ 9 ارب 11 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ رکيا ??يا آهن، سنڌ صوبي ۾ 3 جاري ۽ 8 نئين منصوبن جي لاءِ 21 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکيا ??يا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي لاءِ 3 ارب 68 ڪروڙ 45 لک رپين کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ 25 جاري ۽ 7 نئين منصوبن جي لاءِ 50 ارب رپيا رکيا ??يا آهن. ان کانسواءِ ضم ٿيل ضلعن جي ٻن منصوبن جي لاءِ 57 ارب رپيا رکيا ??يا آهن، آزاد ڪشمير ۾ هڪ نئين ۽ 8 جاري منصوبن ۽ بلاڪ ايلوڪيشن جي مد ۾ 32 ارب 35 ڪروڙ جڏهن ته گلگت بلتستان جي لاءِ 28 ارب 45 ڪروڙ رپيا رکيا ??يا آهن، گلگت بلتستان ۾ ريجنل گرڊ جي قيام لاءِ هڪ ارب رپيا، بين الصوبائي رابطا اقتصاد?? لنگهه جي لاءِ 80 ڪروڙ رپيا رکيا ??يا آهن، هنزه ۾ گريٽر واٽر سپلائي جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا ۽ چلاس ۾ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتال لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ??يا آهن. آزاد ڪشمير ۾ رٺوعا هريام پل جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ??يا آهن، پنجاب ۾ الله انٽرچينج کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي منصوبي جي لاءِ هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا رکيا ??يا آهن، سيالڪوٽ ڪينٽ کان جيسر گيريزن تائين 69 ڪلوميٽر رستي کي وڪرو ڪرڻ ۽ بهتري جي لاءِ 2 ارب 80 ڪروڙ رپيا رکيا ??يا آهن، سياڪوٽ ايمن آباد روڊ کان ڪامونڪي موٽرو?? لنڪ تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ??يا آهن. سنڌ صوبي ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ڪ??اچي جي رستن جي تعمير ۽ بحالي جي لاءِ 2 ارب 50 ڪروڙ، روهڙي کان گڊو بئراج تائين رستي جي بهتري لاءِ 4 ارب رپيا، ٽنڊو الهيار کان ٽنڊو آدم تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي لاءِ 2 ارب رپيا، نوابشاهه کان راڻيپور تائين مهراڻ هاءِ وي سان اضافي ڪيرج وي جي تعمير لاءِ 4 ارب رپيا، سانگهڙ کان نيشنل هاءِ وي اين 5 رستي جي بهتري لاءِ 3 ارب رپيا، سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ 2 ارب رپيا، ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي لاءِ 2 ارب رپيا جڏهن ته حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ??يا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ خيبر انسٽيٽيوٽ آف چائيلڊ ۽ چلڊرن اسپتال پشاور جي لاءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ رپيا، سوات موٽروي فيز ٽو ۾ زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ??يا آهن. ڏکڻ ضلعن جي سمورين اسپتالن جي سولرائيزيشن جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ??يا آهن. بلوچستان ۾ درگئي سبوزئي اين – 70 کان تونسه شريف اين – 55 رستي لورالائي موسيٰ خيل جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ??يا آهن، ڪوئيٽا شهر ۾ ٽريفڪ جي وهڪري کي گهٽ ڪ??ڻ جي لاءِ مختلف لائي اوورز جي تعمير لاءِ هڪ ارب رپيا، پنجگور آوران رستي جي تعمير جي لاءِ 2 ارب 70 ڪروڙ رپيا، لورالائي قلعي سيف الله کان خانوزئي ڪراس تائين رستي جي بهتري ۽ ويڪرائي جي لاءِ هڪ ارب رپيا جڏهن ته خاني ڪراس کان زيارت تائين رستي جي نئين سر تعمير، ويڪرائي ۽ بهتري جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ??يا آهن.