اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت پاڪستان ?? گڏيل قومن جي تعاون سان گڏيل قومن جي امن مشن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي شاندار تقريب منعقد ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب تقريب ۾ سفارتي ڪور ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر تقريب جي خاص مهمان هئي. ان موقعي تي ٻه بح?? سيشن ٿيا جن ۾ گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي اثرن ۽ فوج ۾ سڀ کان وڌيڪ تعاون ڪندڙ ملڪ طور پاڪستان ??ي ڪ??دار کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ سفارتي برادري پاڪستان ??ي 8 امن فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن ڊيوٽي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا ۽ انهن کي گڏيل قومن جي امن فوج جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي شهيد ٿيڻ کانپوءِ اعزاز سان نوازيو ويو آهي.