اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??يو آهي ته ڀارت جي – 20 جي سربراهه جي حيثيت سان پنهنجي پوزيشن جو ??اجائز فائدو کڻي رهيو آهي، پاڪستان ڪشمير مسئلي جو ??رامن حل چاهي ٿو، ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل لازمي آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفرآباد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اسان جو اهو پيغام آهي ته منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون، تاريخ گواهه آهي ته ڀارت ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته ڪشميري عوام پنهنجي مستقبل جو ??يصلو پاڻ ڪندي. هن ??يو ته ڀارت پاڻ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ڀارت پاران والاريل علائقي ۾ جي – 20 اجلاس منعقد ڪرڻ جو ??قصد دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ آهي ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول موجب آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ڊپٽي اسپيڪر جا ٿورا مڃيندي ??يو ته پهريون پرڏيهي وزير آهيان جنهن کي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. هن ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ??يو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اسان جو ??يغام آهي ته اسان خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون. بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قانوني قدم کي رد ڪريون ٿا، ڀارتي قدم عالمي ??انونن جي خلاف آهي، ڀارت والاريل علائقي ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جون کليل خلاف ورزيون ڪيون آهن، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو هو ته ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو ??يصلو ڪرڻ جو ??وقعو ڏنو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته ڀارت کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻو پوندو، ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون. هن ??يو ته ڀارت جي – 20 جي سربراهي سان پنهنجي پوزيشن جو ??اجائز فائدو کڻي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، ڀارت ڪشميرين کي ريفرنڊم جو حق ڏي، اسان جو اهو مطالبو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير مان پنهنجي فوج واپس گهرائي. پرڏيهي وزير خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.