اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان رٿيل عالمي ڪنوينشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جم??وريت کي دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط ??ڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه پڌرائي پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ان اهم ترين عالمي ڪنونيشن ۾ سعودي عرب، شام، ايران، ڪرغزستان، ازبڪستان، تنزانيه، برطانيه، آمريڪا سميت سڄي دنيا جي اهم ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ اسان اتفاق ڪيو ته جم??وريت کي دنيا ۾ مضبوط ??ڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين، اسان اتفاق ڪيو ته جم??وريت، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، اسان قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط ??ڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. هن ڪ??وينشن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اسان قانون جي حڪمراني، خودمختياري، عدليه جي آزادي ل??ءِ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين، انساني حقن ۽ اظهار راءِ جي آزادي ل??ءِ بهتر انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي پڻ اتفاق ڪريون ٿا. آئنده ايندڙ نسلن لاءِ آزاد، محفوظ ۽ پائيدار ترقي تي ٻڌل معاشرو جوڙيو ويندو. عالمي ڪنوينشن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ته آئين تحت ڏنل انساني حقن ۽ فلاح ۽ بهبود جو تحفظ ڪيو ويندو. برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ قدم کنيا ويندا.