اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق زرد??ري هائوس اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرد??ري سان ملاق??ت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن آزاد ڪشمير حڪومت کي درپيش معاشي مسئلن، ايندڙ بجيٽ ۽ آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير حڪومت راجا فيصل ممتاز راٺور پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. زرد??ري هائوس اچڻ تي وزيراعظم چوڌري انوارالحق کي پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين ڀليڪار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ج??ري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي عالمي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي خودمختي??ري جو حق ڏي??ري سگهجي.