اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان ??ي شامل ڪرڻ، سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ تعاون ۽ گذريل سال شديد ٻوڏ دوران امداد تي سعود?? عرب سان ٿورا مڃيا آهن ۽ چيو آهي ته سعود?? عرب ۽ ايران جا لاڳاپا معمول تي آڻڻ سان علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن س??ود?? عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود سان ??الهائيندي ڪيو جنهن س??ڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گذريل سال جي شديد ٻوڏ دوران امداد تي سعود?? عرب جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ تي سعود?? عرب جي حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان ??ي شامل ڪرڻ تي سعود?? عرب جي حڪومت کي ساراهيو، ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ذريعي حج تي وڃڻ جي خواهشمند پاڪستاني حاجين کي س??ولتون فراهم ڪندو. سعود?? عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ تازي معاهدي جو حوالو ڏيندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان س??ن علائقائي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. سعودي نائب گهرو وزير سندس ۽ سندس وفد جي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعود?? عرب جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا تاريخي آهن. هن پاڪستان جي گهرو، مذهبي معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارن وزيرن س??ن ڪارائتين ملاقاتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ کي ايندڙ سال کان لاهور ۽ پشاور تائين پڻ وڌايو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ حاجين کي س??ولتون فراهم ڪري سگهجن.