اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ڪويت جي وزيراعظم شيخ احمد نواف الصباح کي ٽيليفون ڪري عيدالفطر جي مبارڪبا?? ڏني اهي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي رابطن ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ش??يف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان پاران انهن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن کي ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڪويت جي وزيراعظم وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڪويت ۽ پاڪستان هلندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي مقصد سان انهن کي بهترين انداز ?? ملهائڻ تي اتفاق ڪيو.