اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪامياب ٽيسٽ رن کانپوءِ پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي موبائيل ايپ جو پي ٽي وي ۾ منعقد تقريب ۾ اڄ ٻنپهرن 11 وڳي اجراءِ ڪن??و. ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ان ايپ ??و مقصد عوام خاص طور تي نوجوانن کي ??ئين بابت شعور، آگاهي ۽ پهچ ڏيڻ آهي ته جيئن پنهنجي حقن ۽ آئين جي اهميت ڄاڻين، منهنجو آئين منهنجي حقن جو ضامن.