اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) گهرو ويڙهه جي شڪار ??وڊ??ن مان پاڪستانين جي محفوظ انخلا جي عمل جي شروعات ٿي وئي. پر??يهي آفيس موجب 500 پاڪستانين تي ٻڌل پهريون قافلو خرطوم مان نڪري ??وڊ??ن جي بندرگاهه پهچي ويو آهي جيڪو سامونڊي رستي ذريعي جده ويندو. جده مان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ۽ پاڪ فضائيه جي معاونت سان پاڪستانين کي وطن واپس آندو ويندو. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڦاٿل پاڪستانين جي عارضي رهائش ۽ خوراڪ جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ??وڊ??ن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ هنگامي رابطي جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي. پر??يهي وزير جي هدايت تي پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار ڦاٿل پاڪستانين سان مسلسل رابطي ۾ آهن. بلاول ڀٽو زرداري لاڳاپيل عملدارن کي ??وڊ??ن مان پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي فوري طور تي محفوظ طور تي سرانجام ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پر??يهي وزير پاڪستانين جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پر??يهي وزارت ۾ ڪرائيسز مئنيجمينٽ سيل کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي ??وڊ??ن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي بابت پر??يهي وزارت جي عملدارن پاران روزانو بريفنگ ڏني پئي وڃي. پر??يهي وزير ??وڊ??ن مان پاڪستانين جي انخلا کي ممڪن بڻائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو ويڙهه جي شڪار ??وڊ??ن ۾ سوين پاڪستانين جي انخلا جي معاملي تي پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عيد جي ڏينهن ۾ متحرڪ رهيو. بلاول ڀٽو زرداري ??وڊ??ن مان پاڪستانين جي حفاظت سان انخلا جي حوالي سان سعودي عرب ۾ پنهنجي هم منصب سان پڻ رابطي ۾ رهيو. پر??يهي آفيس موجب پر??يهي وزير ??وڊ??ن مان پاڪستانين جي حفاظت سان انخلا جي حوالي سان مدد تي ترڪيه ۽ مصر جي حڪومتن جا پڻ ٿورا مڃيا.