اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پڪاچي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي گهرا ڀائراڻا عوامي لاڳاپا آهن، ٻئ?? ملڪ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئ?? س??ن گڏ بيٺل رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ترڪيه پاران معاونت ساراهه جوڳي آهي. ترڪيه جي سفير زلزلي دوران پاڪستان پاران بهترين تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، علائقائي تعاون، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي س??ن گڏجي ??م جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.