ف??صل آباد – 11– ??پريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ف??صل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو ۽ اٽي جا ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو. هن مفت اٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ف??صل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جي دوري جي موقعي تي و??اق?? گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم پاڻ به مستحقين ۾ اٽي جا ٿيلها ورهايا ۽ ان موقعي تي عورتن کان اٽي جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن بابت معلوم ڪيو، عورتن مفت اٽي جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم مفت اٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ف??صل آباد جي 11 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي مفت اٽي جا ٿيلها فراهم ڪيا پيا وڃن، ف??صل آباد جي 5 تعلقن ۾ روزانو هڪ لک 25 هزار ٿيلها ڏنا پيا وڃن ۽ هر خاندان کي 10 ڪلوگرام اٽي جا ٽي ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن، مفت اٽو 25 شعبان کان 25 رمضان تائين فراهم ڪيو پيو وڃي. ملڪي تاريخ م پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ و??اق?? حڪومت پاران مفت اٽي جي فراهمي جاري آهي. عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.