اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سينيٽ آف پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، دنيا ماحولياتي گدلاڻ ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو به ڪردار نه هجڻ جي باوجود هن جي متاثر ٿيڻ جو ازالو ڪري ۽ پاڪستان سان گڏ بيهي. قانون واري وزير سينيٽ جي گولڊن ??وب??ي تقريبون منعقد ڪرڻ ??ي مبارڪون ڏيندي چيو ته انهن تقريبن جي ??وق??ي ??ي معاشري جي مختلف طبقن جي نمائندن جا خيال ٻڌڻ جو ??وق??و مليو آهي، مشهور ڪاروباري شخصيتن، ناميارن وڪيلن ۽ صحافين جا خيال ٻڌڻ جو ??وق??و ميسر آيو، هن ايوان کي ڪميٽي آف دي هول ۾ تبديل ڪرڻ جو تصور بهترين هو ۽ سمورن مهمانن کي هتي پنهنجي خيالن جو اظهار جو ??وق??و ڏيڻ اهم قدم آهي، سينيٽ چيئرمين سڀني کي گڏجي ويهڻ جو ??وق??و ڏنو ته هو هتي ويهي سينيٽ آف پاڪستان جي 50 سالا تاريخ جو جائزو وٺن ۽ بطور قوم هتي جي??ي مسئلا درپيش آهن انهن کي بحث هيٺ آڻين. هن چ??و ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، سينيٽ جو ڪردار عالمي فورمن تي نمايان رهيو آهي، پنهنجي موقف کي بيان ڪيو، هن چ??و ته عالمي برادري کي اسلام آباد ۾ موجود سفارتڪارن جو هڪ وڏو تعداد ه??ي موجود آهي ان جي موجودگي جو فائدو کڻندي آئون عالمي سطح ??ي ماحولياتي تبديلين جي چئلينجن جو ذڪر ڪندس?? گذريل گرمين ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ان جي ڪري ٻوڏ آئي، آئون عالمي سطح تي هي معاملو اڪثر اٿاريندو رهيو آهيان ته پاڪستان جو عالمي گدلاڻ ۾ هڪ سيڪڙو به حصو ناهي پر اسان ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اڳتي وڌي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ پاڪستان سان گڏ بيهي، اسان سڀني کي پاڪستان سان گڏ بيهڻو پوندو، پاڪستان لاءِ هي مشڪل وقت آهي، پاڪستان جي عوام ۽ مملڪت پاڪستان جي بهتري لاءِ اسان سڀ گڏ بيٺل آهيون.