ڪراچي – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنجاب جي ثق??فت پنهنجي بنياد ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ سگهاري ۽ متحرڪ آهي، هن سر??مين کي پنجاب انهي ??اءِ چوندا آهن ته هتي 5 درياءَ پاڻ ۾ ملن ٿا. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي ثق??فت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پنجاب سميت پوري ملڪ جي عوام کي پنجاب جي ثق??فت ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته ثق??فت ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ معاشري ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جو مضبوط ذريعو آهي، پنهنجي ثق??فت کان ڌار ٿي جيئندڙ شخص هجي يا قوم، اڌورا رهن ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ثقافتي گهرائپ اسان جي معاشري جي خوبصورتي ۽ طاقت آهي، جنهن کي وڌيڪ اتحاد ۽ مضبوط وفاق پاڪستان جي لاءِ ملهائڻ گهرجي.