اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي خاتمي جو عزم ظاهر ڪندي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن سان سمورن جاري شعبن ۾ نتيجاخيز حصيداري کي مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم بي ايم جي ايف پاران ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي ۽ حفاظتي ٽيڪن، ??ذا??يت ۽ مالياتي شموليت کي بهتر بڻائڻ ۾ خاص طور تي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ دوران پاڪستان کي ڏني ويندڙ قابل قدر مدد کي ساراهيو. وزيراعظم ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لا??ِ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ۽ سندس ٽيم جي ا??ٿڪ ڪوششن سان بل گيٽس کي آگاهه ڪندي ان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن تعاون جي سمورن جاري شعبن ۾ فائونڊيشن سان نتيجاخيز حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش کي پڻ ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ پوليو جي سمورين قسمن جي خاتمي جي لا??ِ پرعزم آهي. هن 2022ع ۾ پوليو جي نئين ڪيسز جي رپورٽنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته هن اهو به چيو ته سيپٽمبر 2022ع کان پوليو ڪيسز ۾ وقفو آيو آهي. ٻنهي ا??واڻن حڪومت جي قيادت هيٺ ٻين پروگرامن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ بي ايم جي ايف جي مدد سان ??ذا??ي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ، حفاظتي ٽيڪن جي ضروري خدمتن، مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي راست ۽ قومي بچت پروگرام جي ڊيجيٽلائيزيشن شامل آهي. گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ صحت جي سارسنڀال جي بنيادي ڍانچي جي تباهي جي ڪري پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي جاري ڪوششن کي بري طرح متاثر ڪيو هو جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت خصوصي ايمرجنسي ريسپانس پلان کي فعال طور تي عملدرآمد ڪري رهي آهي ۽ ٻارن تائين پهچ لا??ِ مختلف ذريعن جي ڳولا به جاري رکندي. بل گيٽس پوليو جي خاتمي لا??ِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي پوليو جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ پنهنجي فائونڊيشن پاران پاڪستان جي لا??ِ مسلسل تعاون کي ورجايو. ٻنهي ا??واڻن گڏيل مقصدن تي گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.