ڪراچي-17 فيبروري (اي پي پي) شاهراه فيصل تي واقع ڪراچي پوليس آفيس تي جمعي ڏينهن شام جو حملو ڪيو ويو آهي. پوليس اختي??ري?? موجب حملو ڪندڙن سان پوليس جي ??ائرنگ جي ڏي وٺ هيل تائين جاري آهي. حملي آورن جي ??وليس آفيس ۾ داخل ??يڻ جا اطلاع آهن. پوليس آفيس ويجهو فائرنگ ۽ ڌماڪا به ٻڌا ويا آهن. پوليس عملدارن ٻڌايو ته رينجرز ،پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ??ڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ پوليس نفري پوليس آفيس کي چئني پاسن کان گهيري ۾ آڻي ورتو آهي. ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته منهنجي آفيس تي حملو ٿيو آهي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي. اسپ??ال ذريعن موجب فائرنگ واري هنڌ ??ان هڪ زخمي کي جناح اسپ??ال آندو ويو آهي.