اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي اٽلي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته دفاع، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ميت صنعتي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ??رورت آهي، پاڪستاني آءِ ٽي ماهر پنهن??ون خدمتون ۽ مصنوعات اٽلي ۽ يورپ ۾ فراهم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽلي جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير علي جاويد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ نوان رست?? ڳولي سگهجن ٿا، دفاع، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ميت صنعتي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ??رورت آهي. ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته پاڪستاني آءِ ٽي ماهر پنهن??ون خدمتون ۽ مصنوعات اٽلي ۽ يورپ ۾ فراهم ڪري سگهن ٿا، اٽلي ۾ پاڪستاني سفير ۽ سمورو ذيلي عملو پنهن??ون توانائين پاڪستانين کي درپيش مسئلن جي ح?? تي مرڪوز رکي، نامزد سفير اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ضروري مدد ۽ مشاورت ??ون خدمتون فراهم ڪري. هن چيو ته نامزد سفير پاڪستان ۾ چيمبرز آف ڪامرس ۽ پاڪستان جي وڏي صنعتي ۽ مينوفيڪچرنگ ادارن سان ويجهو رابطو رکي، صنعتي يونٽس پاڪستان منتقل ڪرڻ جي لاءِ اطالوي سيڙپڪارن جي ح??صلا افزائي ڪرڻ گهرجي، اطالوي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ سستي افرادي قوت، خام مال ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن. صدر چيو ته پاڪستان ۽ اتلي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن خاص طور تي گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل ۾ سڌارن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا، پاڪستانين جو وڏو انگ اٽلي ۾ رهي ٿو، انهن جي ڀلائي کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته ڀارت پاران ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلمن، ڌمڪين، هراسگ، ڪمزور اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان بدسلوڪي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن کي اجاگر ڪرڻ جي ??رورت آهي جنهن سان ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن جي ??ان ۽ مال کي سنگين خطرا آهن. هن چيو ته 2013ع ۾ ٻنهي ملڪن صحيحون ٿيل اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان ٻطرفي ۽ گڏيل تعاون جي فروغ لاءِ بهترين فريم ورڪ آهي. هن چيو ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته اٽلي يورپي يونين ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو حصيدار آهي جڏهن ته هو دنيا ۾ پاڪستان جي 10 وڏن واپاري حصيدارن ۾ پڻ شامل آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ 1.3 ارب ڊالر جو واپاري ڪاٿو انهن جي ح??يقي صلاحيتن موجب نه آهي، واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ??رورت آهي. هن چيو ته اٽلي ۾ اتڪل 2 لک پاڪستاني رهن ٿا جيڪي اٽلي جي ??ماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري هيا آهن. هن انهن پاڪستانين جي ??رجيحي بنيادن تي ڀلائي تي زور ڏنو. هن چيو ته نامزد سفير روايتي معاشي سفارتڪاري جي ??ريعي تعاون جا نوان موقعا خاص طور تي اسٽارٽس اپ جي لاءِ موقع?? ڳوليندو.