اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي ??ڪومت جي مشڪل فيصلن جي ڪري ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي خطري مان نڪري چڪو آهي، پاڪ??تا?? جي معاشي صورتحال بابت غلط معلومات پکيڙي بي بنياد ٻڏتر واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي انويسٽمينٽ بئنڪنگ اينڊ ڪيپيٽل مارڪيٽس فرم جيفريز (Jefferies) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار پڻ شريڪ هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اتحادي ??ڪومت سياسي قيمت جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي گذريل چئن سالن جي نااهلين جو ڪِيتو لوڙڻ کان بچائي ورتو آهي جڏهن ته مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي ريليف جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت ٻاهريون واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪ??تا?? ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم جيفريز جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان کي پاڪ??تا?? ۾ پنهنجي آفيس کولڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ کي ??رپ??ش معاشي چئلينجز جو موثر مقابلو ڪري ملڪ جي معاشي استحڪام جي رخ گامزن ٿيڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو.