اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس وين تي ??هشتگردن جي حملي جي شديد مذ??ت ڪئي آهي، جنهن ۾ 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم ملڪ تي ??انيون قربان ڪندڙ فرزندن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن ۽ سمورا پاڪستاي دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار ثابت ٿيندا. پوليس دهشتگردي جي خلاف هر اول دستي ??و قابل فخر ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت شهيدن کي اعزاز ۽ شهداءِ پئڪيج ڏي.