اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير شاخ جي اڳوڻي ڪنوينر محمد فاروق رحماني چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع حقيقت ۾ ڄمو?? ۽ ??شمير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڀارت جي ورڇ جي منصوبي ۽ ڄمو?? ۽ ??شمير جي خودمختياري جي سراسر خلاف ورزي ڪندي جعلي الحاق جي آڙ ۾ والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير تي فوج چاڙهي هئي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب محمد فاروق رحماني اسلام آباد مان جاري هڪ بيان ۾ چي?? ته 27 آڪٽوبر کي ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمو?? ۽ ??شمير جي خصوصي حيثيت ۽ آئيني ضمانتن جي منسوخي جي خلاف مزاحمت جي پس منظر ۾ پوري والاريل علائقي ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو. هن چي?? ته ڀارت والاريل علائقي مان فوجي انخلا کان انڪار ڪري گڏيل قومن جي ريفرنڊم جي منصوبي تي عملدرآمد ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن. گذريل ٽن سالن دوران بي جي پي جي هندوتوا حڪومت والارل علائقي جي مسلم اڪثريتي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ وڏي ڀارتي قانونن جي دائري کي ڪشمير تائين سگهه ڏئي ڇڏي آهي. صحافت جي آزاد??، اظهار راءِ جي آزادي ۽ انٽرنيٽ سميت سمورين آزادين ۽ بنيادي حقن تي پابندي لاڳو آهي جڏهن ته هزارين ڪشميري جيلن ۾ قيد آهن ۽ حريت اڳواڻن کي حراست دوران شهيد ڪيو پيو وڃي.