اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪاميابي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته پاڪستان حڪومتي، ادا??ن ۽ ماڻهن پاران چار سال جي مسلسل محنت کانپوءِ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ??هي جنهن تي پاڪستاني قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چ??و ته ان ڪاميابي جو سهرو انهن سمورن ماڻهن ڏانهن وڃي ٿو جن اڻٿڪ محنت ڪئي، قانونن ۾ تبديليون ڪيون ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي جي حوالي سان قومي عزم تي عمل ڪري ڏيکاريو آهي.