اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاق?? ڪابينا جي ميمبر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته پاڪستان کي عام حالتن جي تناسب کان وڌيڪ ٻوڏ درپيش آهي جيڪو موسمياتي طور تي پي??ا ٿيندڙ قدرتي آفت جو خوفناڪ مظهر آهي. هن حڪومت پاران گڏيل قومن جي ادارن، عالمي برادري ۽ انساني همدردي جي تنظيمن سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ متاثرين تائين پهچڻ جي ??اء?? وڏي پئماني تي ڪئي ويندڙ امداد?? ڪاررواين جو خاڪو پي?? ڪيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنر?? گوتريس جو پاڪستان جو دورو هن نازڪ وق?? ۾ پاڪستاني عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار آهي. وزيراعظم پاڪستان جي فلڊ ريسپانس پلان جي فنڊنگ جي ??اء?? گڏيل قومن جي 160 ملين ڊالر جي ”فليش اپيل“ سميت عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي ??اء?? سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور حمايت ۽ وڪالت کي ساراهيو. هن سيڪريٽري جنرل پاران انهن ٻوڏن جي موسمياتي تبديلي جي اثرن سان تعلق کي اجاگر ڪرڻ جي پي??ام کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ وق?? سر مداخلت تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پي??ا ٿيندڙ سنگين چئلينجن تي عالمي سطح تي آگاهي ۾ مدد ڏني. وزيراعظم ياد ڏياريو ته عالم?? ڪاربن جي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ اخراج سان پاڪستان عالمي حدت جي ??اء?? سڀ کان گهٽ ذميوارن ۾ شامل آهي. ان جي باوجود هي موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ٽاپ ٽين ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي انصاف جي جذبي تحت پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي صنعتي ملڪن پاران ان موسمياتي آفت کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??اء?? تعاون جو حقدار آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻوڏ کان متاثر آبادي جي بحالي جي مرحلي ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ علائقن جي نئين سر تعمير جي ??اء?? پاڪستان جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي نظام ۽ ٻين عالمي حصيدارن جي مناسب مدد سان موافقت ۽ تخفيف جي مختلف منصوبن سميت مستقبل ۾ موسمياتي خطرن جي خلاف لچڪ پي??ا ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. پاڪستان سان پنهنجي ڊگهي وابستگي کي ياد ڪندي سيڪريٽري جنرل پاڪستاني عوام جي ??اء?? پنهنجي بي پناهه جذبن جو اظهار ۽ تعريف ڪندي چيو ته هو پاڪستاني عوام جي سخاوت سان گڏوگڏ پنهنجي پاڪستاني رهواسين جي مدد ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ انهن جي فراخدلي جو گواهه آهي. هن چيو ته هو ٻوڏ جي وڏي پئماني تي تباهي ۽ ان جي اثرن کان پريشان آهي. هن عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ سميت پاڪستان کي مڪمل حمايت ۽ عزم جو يقين ڏياريو. سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي رڳو يڪجهتي جو نه پر انصاف جو سوال آهي. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??اء?? گهربل وڏي پئماني تي تعاون کانسواءِ موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي جلد، سنجيدگي ۽ ذميوارين سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جا هو مستحق آهن. سيڪريٽري جنر?? گوتريس ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي جي ??اء?? پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. وزيراعظم ۽ سيڪريٽري جنرل بعد ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. سيڪريٽري جنرل پنهنجي دوري دوران ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو پڻ ڪندو.