اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پا??ست??ن جي پهرين چونڊيل وزيرا??ظم شهيد لياقت علي خان کانپوءِ وزيرا??ظم شهباز شريف ٻيو چونڊيل وزيرا??ظم بڻجي ويو آهي جيڪو پاڪستان ??ائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي انتهائي منفرد انداز ۾ ٻيهر رڪارڊ ڪيل قومي تراني جي اجراءَ جو سڀاڻي 14 آگسٽ تي افتتاح ڪندو. پاڪستان ??ائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊسمبر 1948ع ۾ سردار عبدالرب نشتر جي سربراهي ۾ پا??ست??ن حڪومت جي ڪميٽي قومي تراني جي تياري تي ڪم شروع ڪيو هو. احمد ڇاگلا جي تيار ڪيل ڌُن کي پهريون ڀيرو وزيرا??ظم لياقت علي خان ۽ ڪميٽي جي ميمبرن آڏو پيش ڪيو ويو هو. قومي تراني جي لاءِ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي 10 آگسٽ 1950ع تي ان ڌُن جي منظوري ڏني. آگسٽ 1954ع ۾ حفيظ جالنڌري جي لکيل ڪمپوزيشن کي باضابطا منظور ڪيو ويو. پاڪستان ??سلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ آگسٽ 2017ع ۾ قومي تراني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان ??قصد جي لاءِ سمورين قومي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪيا ويا. مريم اورنگزيب اپريل 2022ع تي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ ان ??نصوبي کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم تيزي سان شروع ڪيو. سينيٽر (ر) جاويد جبار جي سربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جي ماتحت آڊيو، ويزيول ذيلي ڪميٽيون جوڙيون ويون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سميت مختلف ادارن، کاتن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شموليت سان اه?? قومي ڪوشش مڪمل ٿي. هٿياربند فوج جي عوامي لاڳاپن واري اداري (آءِ ايس پي آر) جي حصيداري سان ??نهي هٿياربند فوج جي براس بينڊز (سازينه) پڻ ان ??ومي ڪوشش ۾ شامل هئا. ان ۾ 155 گلوڪارن، 48 موسيقارن ۽ 6 بينڊ ماسٽرز شرڪت ڪئي. خاص ڳالهه اه?? آهي ته قومي تراني کي نئين سازينه سان بهترين عڪسبندي سان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان کي پا??ست??ن جي سمورن ثقافتي، تهذيبي ۽ علائقائي رنگن جي قوس قزح بڻايو ويو آهي. اتحاد، اخوت ۽ علائقائي سڃاڻپن جو پيغام ڏنو ويو آهي.