اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ مهم جي رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي. جڏهن ته و??يراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي مه?? جو حصو بڻجڻ جي خواهشمند رضاڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي 1166 تي ڪال ڪري پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب سلمان صوفي چيو ته اهڙا ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي سي پي آر ۾ پيشيواراڻي تربيت يافته آهن اهي رضاڪارن جي تربيت لاءِ رجسٽريشن ڪرائين، مه?? جو حصو بڻجن، تربيت حاصل ڪن، 10 وڌيڪ ماڻهن کي بنيادي سي پي آر جي ٽريننگ ڏين ۽ انعام حاصل ڪن. هن ٻڌايو ته ٽريننگ جي رجسٽريشن لاءِ ڪنهن به عمر جا ماڻهو اهل هوندا. هن نوجوانن، عورتن، ٻارن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته ايمرجنسي جي صورتحال ۾ وقت س?? سي پي آر سان ڪنهن انسان جي حياتي بچائي سگهجي ٿي.