اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ت?? شوڪت ترين آخرڪار اعتراف ڪري ئي ورتو ته عمران خان چئن سالن جي حڪوم?? ۾ 20 هزار ارب رپين جو قرض ورتو جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ ورتل مجموعي قرض جو 76 سيڪڙ?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهڙا ڪيترائي اعتراف اڃا عمران صاحب کي ڪرڻا آهن. سندس چوڻ هو ته عمران صاحب جي آءِ ايم ايف سان سخ?? شرطن تي معاهدو ڊالر 115 مان 189 رپين تي وٺي وڃڻ، بيروزگ??ري ۽ معاشي تباهي جي ظلم کانسواءِ قيراط، خيرات ۽ ڪرپشن جي ثمرن جو اعتراف به جلد ٿيندو.