اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان ??ي درجابندي ۾ تنزلي ٿي آهي ۽ عم??ان ??ان ??ي حڪومت جي هڪ سال ۾ 12 پوائنٽس جي تنزلي ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عم??ان ??ڪومت جي آخري سال پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 پوائنٽس هيٺ ويو آهي جڏهن ته پوري حڪومت جي دور ۾ 18 پوائنٽس تنزلي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته صحا??ت جي آزادي جي درجابندي ۾ تنزلي تي نه رڳو عم??ان ??ان کي ”صحا??ت جي آزادي جو شڪاري“ جو شرمناڪ خطاب مليو پر اسان ??ي جمهوريت به بدنام ٿي. شهباز شريف چيو ته اسان ??ظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. واضح رهي ته اطلاعات جي حق جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ عالمي غيرسرڪاري تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز 180 ملڪن جي پنهنجي تازي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي 157 هين نمبر تي رکيو آهي، 2021ع ۾ انڊيڪس ۾ اهو نمبر 145 ۽ جڏهن عم??ان ??ان 2018ع ۾ اقتدار سنڀاليو ان وقت اهو انڊيڪس 139 هو.