اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) قومي اس??مبلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي آهي. ايوان آئين ۽ قومي اس??مبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪندو. ان ڏس ۾ قومي اس??مبلي سيڪريٽريٽ پاران باقاعده چونڊ شيڊيول جاري ڪيو ويندو، حڪومتي ميمبر اس??يڪر پاران استعيفيٰ جي اعلان کانپوءِ ايوان مان هليا ويا. ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ قومي اس??مبلي اجلاس ۾ بي اعتمادي جي قرا??دا?? تي ووٽنگ دوران صدارت پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر س??دا?? اياز صادق ڪئي. هن سمورن ميمبرن کي بي اعتمادي جي قرا??دا?? تي ووٽنگ جي طريقيڪار کان آگاهه ڪيو جنهن کانپوءِ 5 منٽن جي لاءِ گهنٽيون وڄايون ويون. ميمبرن جي ايوان ۾ اچڻ کانپوءِ هال جا داخلي دروازا بند ڪيا ويا ۽ اوپن ڊويزن جي بنياد تي ووٽنگ جو عمل شروع ڪيو ويو ان دوران تاريخ ۽ ڏينهن تبديل ٿيڻ کان هڪ منٽ اڳ پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر اياز صادق اجلاس ڪجهه منٽن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ اجلاس جي ڪارروائي جي باقاعده شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت، حديث، نعت رسول مقبول ﷺ ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي جڏهن ته نئين ايجنڊا ميمبرن ۾ ورهائي وئي. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آئي ۽ عمران خان 18 آگسٽ 2018ع تي وزارت عظميٰ جو حلف کنيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين ۾ ايم ڪيو ايم پ??ڪستان، مسلم ليگ (ق)، عوامي مسلم ليگ، جي ڊي اي، بي اي پي ۽ ڪجهه ٻيا آزاد ميمبر شامل هئا. عمران خان 3 سال 7 مهينا 21 ڏينهن تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهيو. عمران خان پارلياماني تاريخ جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي باقاعده آئيني طريقيڪار تحت بي اعتمادي جي قرا??دا?? جي ذريعي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو. ان کان اڳ 1989ع ۾ بينظير ڀٽو جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي جيڪا ناڪام رهي ان کانپوءِ 2006ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي خلاف پڻ مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام رهي. پاڪستان پيپلزپارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ (ف)، اي اين پي، جمهوري وطن پارٽي سميت ٻين پارٽين ۽ آزاد مخالف ڌر ميمبرن پاران وزيراعظم عمران خان جي خلاف 8 اپريل تي بي اعتمادي جي رٿ قومي اس??مبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن کانپوءِ حڪومت جي اتحادي پارٽين، بي اي پي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق) جي ڪجهه ميمبرن پڻ مخالف ڌر سان تعاون ڪرڻ جو اشارو ظاهر ڪيو اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي قرا??دا?? مجموعي طور تي 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي. قومي اس??مبلي جو اس??يڪر اسد قيصر پڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، اهڙي طرح نئين اس??يڪر جي ونڊ جي لاءِ پڻ قومي اس??مبلي سيڪريٽريٽ چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪندي ۽ قائد ايوان جي چونڊ کان اڳ نئين اس??يڪر جي چونڊ پڻ ڪئي ويندي. قومي اس??مبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري پڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي اهڙي طرح اس??يڪر سان گڏ نئين ڊپٽي اس??يڪر جي پڻ چونڊ آئين ۽ قومي اس??مبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت عمل ۾ آندي ويندي. پي ٽي آءِ جي مبينا منحرف ميمبرن رانا ق??سم نون، نور عالم خان، راجا رياض، وجيهه اڪرم، نزهت پٺاڻ، عامر لياقت حسين، ڊاڪٽر افصل ڍانڍلا، رياض مزاري، طلال گوپانگ، باسط بخاري سميت ٻين ميمبرن قرا??دا?? جي حق ۾ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. چوڌري شجاعت حسين جي پت ۽ مسلم ليگ (ق) جي ميمبر چوڌري سالڪ حسين پڻ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ آخر تائين ايوان ۾ موجود رهيا.