اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي، عدليه ان معاملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪم??شن جوڙي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت جا عملدار ۽ سفارتڪار ايماندار ۽ سلجهيل آهن، هن چيو ته مخالف ڌر چئي رهي آهي ته بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي آ??ين شڪني ٿي وئي، اسان کي آ??ين جو احترام آهي، بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي، ڊپٽي اسپيڪر بي اعتمادي رٿ کان انڪار ناهي ڪيو، هن حقيقتن جي بنياد تي رولنگ ڏني، اهو معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، هن چيو ته ٻي ملڪ مان موڪليل خط اصلي آهي، ابهام پيدا نه ڪيو وڃي، مخالف ڌر پارليماني سلامتي ڪيمٽي ۾ اسپيڪر جي دعوت جي باجود ڇو نه آئي، هن چيو ته ٽڪيٽن جا واعدا ۽ ضمير فروشي جي ڇا آ??ين اجازت ڏي ٿو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جون ڪڙيون ڪٿي ته ملن ٿيون، ان جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ جن ماڻهن سان غير ملڪي سفارتڪار ملندا رهيا آهن انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ان معاملي جي جاچ لاءِ عدليه جڊيشل ڪم??شن جوڙي سگهي ٿي، هن چيو ته ان معاملي تي قومي سلامتي ڪم??ٽي جو موقف واضح آهي.