راولپنڊي – 05 – اپريل (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جن??ل قمر جاويد باوجوه سان پاڪستان ۾ نيپال جي سفير تاپس اڌيڪاري جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ل??ڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب آرمي چيف ان موقعي تي چيو ته پاڪستان گڏيل مف??دن جي بنياد تي نيپال سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي شعباجاتي ل??ڳاپن کي وڌائڻ چاهي ٿو، هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. معزز مهمان علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي تعاون ۾ وڌيڪ بهتري ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.