اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته منظم ۽ پيشيور هٿياربند فوج جي ??وجودگي ۾ ڪوبه پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي، قوم جي ??ضبوطي لاءِ ضروري آهي ته فوج مضبوط رهي، دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن دهشتگرد?? جو مقابلو ڪيو ته اها پاڪ ف??ج آهي، 23 مارچ تي يوم پاڪستان جي شاندار پريڊ منعقد ڪرڻ تي منهنجو سر فخر سان بلند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ يوم پاڪستان جي ??ريڊ جي ??نتظمين کي اعزاز ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي ??ضبوط هٿياربند فوج جي ڪري ئي مضبوط ۽ مستحڪم آهي، پاڪستان سدائين مشڪل صورتحال مان ڪاميابي سان نڪتو آهي ۽ هن دشمن جي سازشن کي ناڪام بڻايو آهي، ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته اسان جي ??ٿياربند فوج دهشتگرد?? جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، ان جنگ ۾ ان جو قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان ايٽمي صلاحيت پنهنجي دفاع لاءِ حاصل ڪئي ۽ هي ڪنهن به چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. صدر چيو ته قوم کي ڪو به آنچ نٿو پهچائي سگهي، ڀارت کي به اسان جي طاقت جو اندازو آهي، اسان جي ??رامن ۽ اصول پسند آواز جو دنيا تي اثر ٿيندو، دنيا جي ??يڪنالاجي جيتري به ترقي ڪري وٺي پاڪستان ۾ ان جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت آهي، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ هر وقت چوڪس رهڻو آهي، دنيا جيڪا مرضي چوندي رهي اسان پنهنجي ??وج سان گڏ بيٺل آهيون، صدر ڪشمير مسئل?? جو ذڪر ڪندي چيو ته گڏيل قومن ۾ ان پراڻي تڪرار جي حل ۾ ٽال مٽول سان ڪم ورتو پيو وڃي، ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي 23 مارچ تي يوم پاڪستان جي شاندار پريڊ جي انعقاد جي ??نتظمين ۾ اعزاز ورهايا، تقريب ۾ هٿياربند فوج جي سينئر آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل شرڪت ڪئي.