اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسل??مي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سل??ما?? الجيسر ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين چارٽر تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي ??يو ته افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي، فنڊ جو ??قصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ٽرسٽ فنڊ جي چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي اسل??مي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته فنڊ جي قيام جو ??قصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فو?? سيڪيورٽي ۽ تعليم خاص طور تي عورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ آهي، هن چيو ته اسان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه چيو ته اسل??مي ملڪن جي تنظيم افغان عوام جي مدد لاءِ قدم کڻندي. هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ افغان عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هن چيو ته اسان افغان عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جو ??قصد افغان عوام جي مدد ڪرڻ آهي، هن اسل??مي ملڪن ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي درخواست ڪئي ته هو افغان ٽرسٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.