اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي هنگو مان پاڪ??تا?? تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر خيال زمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪ??تا?? تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حاجي خيال زمان انتهائي مخلص ??خصيت جو مالڪ هو، حاجي خيال زمان جي پارٽي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن کي سدا??ين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي گهرڀاتين ۽ پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي آهي.