اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب نجي ٽي وي چينل جي سينيئر پروڊيوسر اطهر متين جي مارجي وڃڻ جي وا??عي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي بيان ۾ سوڳو??ر خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائ??، هن چيو ته مون کي ان افسوسناڪ وا??عي ۾ اطهر متين جي مارجڻ تي دلي صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، اسان جون سموريون همدرديون پونئيرن سان گڏ آهن. سماءَ نيوز جو سينيئر پروڊيوسر اطهر متين ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ سبب مارجي ويو آهي.