اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته افغان عوام کي خوراڪ جو بحران ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي، اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ سان افغان عوام سخت متاثر ٿي رهي آهي، سنڪيانگ ۾ صورتحال اهڙي نه آهي جيتري اولهه ميڊيا پيش ڪري رهي آهي، ڀارت والا??يل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن جي نسل ڪشيءَ ڪري رهي?? آهي، آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ سان سڄي دنيا ۾ دهشتگردن جي انگ ۾ اضافو ٿيو، ان جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار جانين ??ي قرباني ڏني. آمريڪي ٽي وي سي اين ??ين کي خصوصي انٽرويو ۾ هن هڪ سوال جي جواب م چيو ته آمريڪا کي سمجهڻ گهرجي طالبان حڪومت کي پسند نه ڪرڻ جدا شيءَ آهي پر اهو اٽڪل 4 ڪروڙ افغان عو??م جي بقاءَ جو سوال آهي جن مان اڌ انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ ورتل آهن، انهن کي خوراڪ جو بحران ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي، افغانستان جي سرديءَ تمام ظالم ۽ بي رحم آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن جي حوالي سان افغان عو??م جي لاءِ هر ڪو فڪرمند آهي، اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، اها صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي ته طالبان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي ۽ انهن سان انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن ۽ شموليتي حڪومت جي مطالبن تي ڳالهه ڪئي وڃي، پابنديون لڳائڻ ۽ اڪائونٽس منجمند ڪرڻ سان انساني الميو جنم وٺندو ۽ افغانستان افراتفري جو شڪار ٿيندو، افغان پناهگيرن جو سيلاب اچي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ اڳ ئي 30 لک افغان پناهگير آهن، افغانستان ۾ امن دنيا ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ سان سڄي دنيا ۾ دهشتگردن جي انگ ۾ اضافو ٿيو، آمريڪي جنگ دوران وسيع پئماني تي جاني نقصان ٿيو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانين ??ي قرباني ڏئي چڪ?? آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪا کي ڊرون حملن جي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۾ خودڪش حملن جو سيلاب آيو. سنڪيانگ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ آر ايس ايس نظريي جي حڪمراني آهي، والا??يل ڪشمير ۽ سنڪيانگ جي معاملي جو تقابلي جائزو ئي غلط آهي، ڀارت والا??يل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن جي نسل ڪشيءَ ڪري رهي?? آهي، والا??يل ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ مڃيل تڪراري علائق?? آهي، دنيا ان تڪرار کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته اسان سنڪيانگ جي صورتحال ڄاڻڻ جي لاءِ پنهنجي سفير معين ??لحق کي سنڪيانگ موڪليو، ان موجب صورتحال اهڙي نه آهي جهڙي تصوير ڪشيءَ اولهه ميڊيا ڪري رهي آهي.