اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪ??تان يونان سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن يونان جي مائيگريشن ۽ سياسي پناهه واري وزير پناگوئٽس ميتاراچي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چي?? ته اسرندڙ ملڪن مان ترقي يا??ته ملڪن کي غيرقانوني مالياتي وهڪري اسرندڙ ملڪن جي وسيلن کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ اهو عمل غيرقانوني مائيگريشن جهڙن مسئلن جو پڻ سبب بڻجي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته غيرقانوني مالياتي وهڪري کي روڪڻ سان گڏوگڏ قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستا پڻ ڳوليا وڃن. ان ڏس ۾ وزيراعظم يونان پاران قانوني مائيگريشن چينلز جي لاءِ قدمن کي ساراهيو جنهن سان ??اڪ??تاني هنرمند ليبر جي لاءِ پڻ راهون ??لنديون. وزيراعظم افغانستان ۾ سنگين انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بدحالي کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چي?? ته 40 ملين افغان عوام جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي منجمند اثاثن کي بحال ڪرڻ پڻ لازمي آهي ڇ?? ته ان سان هڪ پائيدار افغان معيشت جي تعمير ۽ افغانين جي وڏي پئماني تي ٻين ملڪن ۾ چرپر ي روڪڻ ۾ مدد ملندي. يونان جي وزير ميتاراچي ??اڪ??تان يونان لاڳاپن ۽ ٻطرفي گڏيل مٽاسٽا جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ميتاراچي وزيراعظم عمران خان کي يونان جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي وزيراعظم کي يونان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزير ميتاراچي يونان جي معيشت ۾ ??اڪ??تاني ڪميونٽي جي نتيجاخيز ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني مائيگريشن جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبي جو خاڪو پڻ پيش ڪيو.